ڀيڻي سورجان 2

ڀيڻي سورجان-2 (Bhaini Surjan-II): هي ماڳ تعلقي ميهام ضلعي روهتڪ ۾، ميهام کان 5 ڪلوميٽر ۽ ڳوٺ ڀيڻي سورجان کان 1.5 ڪلوميٽر اتر ۾، جڏهن ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماڳ کان 50 ميٽرن جي پنڌ تي آهي. هي ماڳ واريءَ جي دڙي تي آهي. مقامي ماڻهو هن کي ٽٻيءَ (Tibbi) جي نالي سان سڏين ٿا. ٻن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ٺڪراٺو پکڙيل ملي ٿو. هتان ملندڙ ٺڪراٺو اهڙو ئي آهي جهڙو بيدوا-2 تان مليو، جيڪو سنڌو تهذيب جي اوج جي پوئين دور جو آهي. ماڳ تان ماڻهن جون ڪيپراٽيون ۽ هڏا به ملن ٿا، جنهن ڪري پڪو گمان آهي ته اتي قبرستان هو. قبرستان به اهڙو جهڙو هڙاپا مان مليو آهي جنهن کي سيميٽري ڪري سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو